ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران شهرين کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي وئي

ڪراچي( پ ر) ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران شهرين کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سيد ناصر عباس پاران هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پلاٽن جي خريداري ۽ وڪري کان پهرئين معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي ڊي اي جي لينڊ ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن شهري جعل سازي ۽ دوکي کان محفوظ رهي سگهن. سيد ناصر عباس جو چوڻ هو ته معلومات وٺڻ دوران ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ فوري طور تي ڪي ڊي اي سيڪريٽريٽ کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن جعل سازن خلاف وقت سر قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي. ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سيد ناصر عباس جي حڪمن تحت اداري جي زمين تي قائم ناجائز اڏاوتن خلاف تيزي سان آپريشن جاري آهي جڏهن ته انهي سلسلي ۾ اڄ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر عبدالقدير منگي جي سربراهي ۾ ڪي ڊي اي ايمپلائز سيڪٽر 31/-C/2 ڪورنگي ۾ هڪ پلاٽ نمبر ST-1 جنهن جي ايراضي تقريبن 11 سئو مربع گز آهي ان تي ناجائز اڏاوت ڪئي پئي وئي. ڪي ڊي اي انڪروچمينٽ ٽيم، مقامي انتظاميا ۽ پوليس جي سهڪار سان ڀاري مشينري ذريعي ڪي ڊي اي جي زمين تي ٺهندڙ اسڪول کي مسمار ڪيو ويو. واضح رهي ته ڪي ڊي اي ايراضي تي ساڳي ئي اسڪول کي ڏيڍ مهينو اڳ پڻ ڊاٿو ويو هو جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪو به ٻار زير تعليم نه هو. ڪي ڊي اي ايراضي تي قبضي لاءِ اسڪول جي اڏاوت ڪئي وئي. آپريشن دوران ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ عبدالقدير منگي, ايڊيشنل ڊائريڪٽرجميل بلوچ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *