ڪراچي جي رفاحي پلاٽن تان ٻن ڏينهن اندر قبضا ختم ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ڪراچي جي سمورن رفاحي پلاٽس تان ٻن ڏينهن اندر قبضا ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪندي سمورن ميدانن ۽ پارڪن تان شادي هالز ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءِ ۾ عورت صبيحه پروين جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ويو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي متبادل پلاٽ ڏيڻ بدران رفاحي پلاٽ الاٽ ڪيو  جنهن تي به قبضو آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري لينڊ کي مخاطب ٿيندي چيو ته تو جهڙا ماڻهو ڪراچي جي دشمن آهن توهان کي شرم نه ٿو اچي. جسٽس گلزار رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي حالتون هلي رهيون آهن ڪراچي ۾ ساهه کڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڪراچي جي زمين کي ملڪيت سمجهو پيو وڃي جڏهن ته جنهن کي وڻي پلاٽ الاٽ ڪيو پيو وڃي ٿو ۽ ڪراچيءَ جا ميدان به ختم ٿي ويا آهن، هاڻي نوجوان راند کيڏندي نظر نه ٿا اچن. جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻن ڏينهن اندر ڪراچي شهر کي صاف نه ڪيو ويو ته ڊي جي ڪي ڊي اي کي جيل موڪليو ويندو ۽ اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت ڪشمير روڊ، يونيورسٽي روڊ، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۾ سموريون غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ، سمورن ميدانن ۽ پارڪن تان شادي هال ختم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي روڊ جي ميدانن جون ڀتيون فوري طور ڪيرائڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *