ڪراچيءَ ۾ مهاڻن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 20 مهاڻا گم

August 12, 2017 at 8:29 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( م ڊ ) ڪراچيءَ ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ تي چرنا ٻيٽ وٽ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ مهاڻا گم ٿي ويا آهن. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ڪمال شاهه ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ سوار سمورن ماڻهن جو تعلق مبارڪ وليج سان آهي ۽ گم ٿيل مهاڻن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي. مهاڻن جي ڳولا لاءِ آپريشن ۾ ميري ٽائيم سڪيورٽي اهلڪارن به حصو وٺي رهيا آهن. اڃا تائين ڪنهن به شخص جي ٻڏي وڃڻ يا بچڻ جا اطلاع نه مليا آهن.

اي پيپر