ڪراچي( م ڊ ) ڪراچيءَ جي علائقي بوٽ بيسن ويجهو ريسٽورنٽ کي خوفناڪ باهه لڳي وئي. بوٽ بيسن جي علائقي ۾ 14 ماڙ عمارت جي هيٺان قائم ريسٽورنٽ کي باهه وڪوڙي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي گرائونڊ فلور کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. ريسٽورنٽ ۾ گئس سلينڊر جي موجودگيءَ سبب ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته فائر برگيڊ جون گاڏيون باهه تي ضابطي جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. امدادي اختيارين موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي. علائقي کي بجلي جي فراهمي بند ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي عملي کي به طلب ڪيو ويو. فائر برگيڊ جي عملي وڏي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو.