ڏوڪري ڀرسان ٻيڙي ڪلٽي واقعي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ جو لاڙڪاڻو انتظاميه نوٽيس وورتو۔ ،ٽوٻن جي مدد سان آپريشن

February 17, 2017 at 12:45 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڏوڪري (رپورٽ؛ عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان محبڻ پتڻ وٽان 7 ڏينهن اڳ  ماڻهن سان  ڀريل ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي هئي۔  ان واقعي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ جو لاڙڪاڻو انتظاميه نوٽيس وورتو۔  جنهن کان پوء ڊي سي لاڙڪاڻو ۽  پوليس عملدار واقعي واري جڳه تي پهتا۔ واقعي جي ٻي ڏينهن تي وارث محبڻ پتڻ تي پهچي فتح پور پوليس کي 13 گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ڏني۔ جنهن کانپوءِ  لاڙڪاڻو انتظاميه جي نگراني ۾ مقامي ملاح ملاح ۽ نيوي جي ٽوٻن جي مدد سان آپريشن شروع ڪيو ويو هو۔  ٽوٻن جي ڪوشش سان  4 ڏينهن ۾  10 ماڻهن جا  لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيا ويا۔ جڏنهن ته گم ٿيل باقي 3 ماڻهن گلشير چنو دلدار علي ملاح ۽ خالد گهانگهرو جا لاش ملاح توڙي نيوي  جا ٽوٻا هڪ هفتي جي ڪوشش ڪرڻ تي به  هٿ  ڪري نه سگهيا۔ جنهن  کان پوء ڪاله فتح پور پوليس ڪرين مشين گهرائي محبڻ پتڻ  وٽ درياه ۾ پيل بيد مشڪ جي سڪل وڻ کي درياه مان  ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڻ ٻاهر نه نڪري سگهيو۔  جنهن  بعد سڳيون ڳوٺ ۾ درگاه لوڙهائي جي مرشد اسدالله شاه محبڻ پتڻ پهچي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ٻڌايو ته هن گذريل رات خواب ڏٺو آهي جنهن ۾ کيس چيو ويو آهي ته گم ٿيل باقي 3 گم ٿيل ماڻهن جا درياه مان  لاش نه ڪڍيا وڃن۔ ان ڪري کين ٻاهر ڪڍڻ جي وڌيڪ ڪوشش نه ڪئي وڃي۔ گم ٿيلن جي وارٽن جي مرشد طرفان اهڙي بيان بعد وارث ملاح ٽوٻن طرفان هڪ هفتي تائين هلندڙ رسڪيو آپريشن بند ڪري ڇڏيو۔ جنهن بعد درگاه لوڙهائي جي گادي نشين سيد اسدالله شاه اتي موجود ماڻهن سان گڏجي دعا گهري۔ جنهن سبب ٻيڙي ٻڏڻ واري واقعي ۾ گم ٿيل باقي ڳوٺاڻن جي ڳولا وارو عمل هميشه لاء بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو۔.

اي پيپر