ڏوڪري شهر ۾ حد دخليون هٽائڻ لاءِ مختيارڪار پوليس عملو ساڻ ڪري نڪري پيو، حددخليون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، سوين شهري گڏ ٿي ويا

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري شهر ۾ حد دخليون هٽائڻ جي سلسلي ۾ ڪالهه سومر ڏينهن مختيارڪار ڏوڪري انيس الرحمان ٻرڙو پوليس عملو آفيس جا امداد ٻگهيو شاهد ڪانڌڙو ۽ ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جو عملو ساڻ ڪري ڏوڪري هر ۾ نڪري پيو شهر جي مين بازار شاهي بازار، حيدر چوڪ نيشنل بئنڪ روڊ، ناڪو سئنيما روڊ تيان ٿيل حد دخليون هٽائي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون ٻي پاسي حد دخليون هٽائڻ وقت سويين شهري هجومن جا ميڙ ٿي ويا ۽ هر ماڻهو حد دخليون ڊهندي ڏسندا رهندا،ٻي پاسي مختيارڪار ڏوڪري انيس الرحمان ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائندي هن ٻڌايو ته شهر ۾ سوڙهه ۽ پيهه سبب ڊي سي او لاڙڪاڻو جي حڪم تي حد دخلين هٽائڻ جي ڪاروائي ڪئي ويئي آهي، ۽ جيسيتائين شهر مان حد دخليون هٽائيون نه وينديون اوسيتائين ڪاروايون جاري رهندو هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به شهري يا دوڪاندار سان بي واجبيون نه ڪيون وينديون ۽ حد دخليون هٽايون وينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *