ڌرڻو پارٽي سياست ۾ اخلاقيات ۽ شائستگي جا اصول پائمال ڪري ڇڏيا: شهباز شريف
August 5, 2017 at 8:42 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻا پارٽي سياست ۾ اخلاقيات ۽ شائستگي جي اصولن کي پامال ڪيو آهي، هاڻ ان جي چهري تان منافقت جو لباس لهي چڪو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام ج تقدير کوٽي ڪرڻ وارن جي سياست سمنڊ ۾ لڙهي ويندي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته صرف ذاتي ايجنڊا خاطر ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ سياسي ماڻهو بي نقاب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سچي ۽ مخلص قيادت تي بي بنياد الزام لڳائيندڙ جو ڪوڙ قوم جي اڳيان اچي ويو آهي، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو باشعور عوام ان جي منفي ارادن اڳيان لوهه جي ڀت بڻجي بيٺل آهي، هاڻ هر چور ۽ لٽيري کان حساب وٺڻو پوندو جنهن غريب قوم جو رت چوسيو آهي، هن چيو ته 70 سالن کان ترسيل قوم جي زخمن تي مرحم رکڻ جو وقت آهي، قوم هاڻ ڪنهن کي تبديل ٿيندڙ قسمت کي کوٽ ڪرڻ نه ڏيندي.