ڊاڪٽر کٽو مل جيونڻ راما پير مندر ۾ ٿيندڙ اڻوڻندڙ واقعي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (هه آ) اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جو معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ٺٽي جي علائقي گهاري ۾ واقع راما پير مندر ۾ ٿيندڙ اڻوڻندڙ واقعي جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن خلاف قانون تحت سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ان سلسلي ۾ ڊي سي ٺٽو ۽ ايس ايس پي ٺٽو کي فون ذريعي حڪم جاري ڪيا آهن ته ان طرح جي واقعن جي روڪٿام لاءِ موثر قدم ورتا وڃن ۽ ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي ڪوبه اهڙي حرڪت ڪرڻ جي همٿ نه ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي ملڪي آئين خاص ڪري سنڌ ۾ سمورن اقليتي برادري کي مذهبي رسمون ۽ تهوار ملهائڻ جي مڪمل آزادي فراهم ڪري ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ مذهبي هم آهنگي کي وڌيڪ فروغ ڏيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *