ڊان ليڪس معمولي مسئلو آهي، وزيراعظم ڪهڙي ڳالهه تي استعيفيٰ ڏي ؟:فضل الرحمان

ملتان (ڊ ر) جميت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ليڪس جي معاملي تي وزير اعظم استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ ڪنهن جي چوڻ سان ڪير ڏوهاري ناهي ٿيندو. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پاناما معاملي ۾ پاسو مٽجي ويندو، عمران خان پنهنجي تلاشي ڏيڻ کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. هن چيو ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ ماڻهو ڏوهاري سمجهيو ويندو آهي. عمران خان پاناما ليڪس جي الزام ۾ گرفتار ٿيندو. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪنهن ڳالهه تي استعيفيٰ ڏئي. تڪراري خبر معمولي مسئلو آهي. آمريڪا چونڊن سان اسان جو ڇا، جيڪو به صدر ايندو اهو قتل عام ڪرائيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *