ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چوڌري نثار سمجهي ٿو ته ملڪ ان جي جاگير آهي، اها ان جي ڀل آهي، ائين اسان ان کي هلڻ نه ڏينداسين، چوڌري نثار ڀڀڪيون نه هڻي ۽ پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري، ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ تي چوڌري نثار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، نواز شريف هاڻي صرف هڪ شهر جو وزيراعظم رهجي ويو آهي ۽ هو سنڌ ۾ صرف لولي پوپ ڏيڻ ايندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن تي اعتماد آهي ۽ ڪيسن کي منهن ڏيندس. هوڏانهن فيصل آباد: پاڻي ۽ بجليءَ واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته شرجيل ميمڻ ۽ آصف زرداري ڦرلٽ ۾ ڊاڪٽر بڻيا ويٺا آهن، فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ چورن جي حڪومت آهي، شرجيل ميمڻ جا اربين رپيا سمنڊ ذريعي پرڏيهه ويندا هئا، هن چيو ته هڪ زرداري جي ڪرپشن سڀني جي ڪرپشن تي ڀاري آهي، هن چيو ته آصف زرداري ۱۰ سيڪڙو ڪرپشن تان هڪ دم ۱۰۰ سيڪڙو ڪرپشن تي پهچي ويو، هن بينظير ڀٽو جو خون لوڙهي ڇڏيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي جو اڳوڻو گورنر ماڊل ايان علي جو ڪيس وڙهي رهيو هو، انهن کي ته شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ زرداري ٽولي جو مڪمل خاتمو اچي ويندو، هن چيو ته عمران خان ميچ فڪسنگ جو ماسٽر آهي، عمران خان وري ڪي پي ڪي ۾ ريلوي جي نظام کي تباهه ڪرائي ڪرپشن ڪئي آهي.