چارسدا: دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 7 شهري شهيد
February 22, 2017 at 2:34 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
چارسدا(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ چارسدا جي ضلعي ڪچهري تنگي بازار ۾ واقعي ڪچهري جي ٻاهران ۳ ڌماڪا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ ۷ شهري شهيد جڏهن ته ۲۰ کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن ۾ پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن. خبرن موجب ٽن دهشتگردن ڪچهري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ڪوشش کي ناڪام بنائيندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته هڪ دهشتگرد پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو. ڊي پي او سهيل خالد صحافين کي ٻڌايو ته دهشتگرد وڏي ڪارروائي ڪرڻ چاهين پيا. ٽئين آپگهاتي بمبار مارجي ويا آهن. سندس چوڻ موجب هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو. جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پوليس فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. پوليس جي وڏي نفري تنگي بازار پهچي پوري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو