چائنا پاڪستان ۾ توانائي ۽ ترقياتي انفرااسٽرڪچر ۾ 62 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو: صوبائي وزير
April 18, 2017 at 8:35 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي( هه آ) ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو اقتصادي امداد (اڪنامڪ ايڊ) نه پر ٻاهرين سيڙپڪاري آهي، جيڪا ايندڙ پندرهن سالن تائين جاري رهندي. هن پراجيڪٽ تحت چين پاڪستان ۾ توانائي ۽ ترقياتي انفرااسٽرڪچر ۾ 62 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سي پيڪ بابت ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ صرف پاڪستان نه پر سموري خطي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. هي پروجيڪٽ بلوچستان جي عوام جي مايوسي ۽ نااميدي ختم ڪري ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا انيڪ موقعا فراهم ڪندو. بلوچ نوجوانن کي روزگار سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪندو ۽ مستقبل ۾ نوجوانن ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪندو. بلوچستان ۾ تيل ۽ معدني ذخيرا ڳولڻ ۾ مدد ملندي. گوادر پورٽ گوادر بين الاقوامي هوائي اڏو ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهڻ سان بلوچستان جي اقتصادي ترقي ٿيندي ۽ علائقائي حيثيت نمايان ٿيندي. هن چيو ته سي پيڪ پٺتي پيل علائقن مان گذرندو جنهن سان گلگت بلستتان ۽ آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي به روزگار جا موقعا ۽ واپارين کي فائدا رسندا. سي پيڪ نه صرف سياحت کي هٿي ڏيندو پر ٻاهرين سيڙپڪاري به وڌندي ۽ موجوده توانائي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو. هن چيو ته سي پيڪ سان لاڳاپيل خطرن جهڙوڪ چين جا سيڪيورٽي تحفظات سي پيڪ جي رستن بابت صوبائي تضادات ۽ مختلف سياسي پارٽين ۽ رهنمائن جي مطالبن وارن معاملن کي جلد کان جلد پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي..