ڀارتي جاسوس ڪلبوشن يادو کي ڀارت جي حوالي نه ڪيو ويندو: پاڪستان
March 4, 2017 at 3:09 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلبوشن يادو کي ڀارت جي حوالي نه ڪيو ويندو ڀارتي جاسوس خلاف ايف آءِ آر تيار ڪئي ويئي آهي وزيراعظم پاران ڪلبوشن يادو جو نالو وٺڻ ۾ ڪوبه مسئلو نه آهي جمعي تي سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سرتاج عزيز ٻڌايو ته ڪينيڊا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ وڌيڪ شڪايتون مشين ريڊايبل پاسپورٽ ۽ نادره ڪارڊ جي پروسيسنگ ۾ دير بابت ٿئي ٿي اهي شڪايتون فوري طور تي نادره هيٺ ڪوارٽر کي موڪليون وڃن ٿيون پيپلزپارٽي جي سينيٽر سحر ڪامران گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلبوشن يادو جو معاملو اٿاريندي چيو ته پرڏيهي صلاحڪار چيو هو ته 31 ڊسمبر تائين ڀارتي جاسوس جي خلاف ناڪافي شاهديون هيون ٻڌايو وڃي ته هاڻي ان جي ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي جنهن تي وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ ڀارتي مداخلت ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ بابت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي موقف کي هٿي ملي رهي آهي سينيٽر اعتزازاحسن چيو ته وزيراعظم ڪلبوشن يادو جو نالو وٺي ته 50 هزار رپيا بلائنڊ فائونڊيشن کي ڏيندس جنهن تي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته وزيراعظم ان تي ايوان ۾ ضرور جواب ڏيندو جنهن کان پوءِ اپوزيشن ليڊر کي درخواست ڪنداسين ته عطيو ڏي جمعيت علماءِ اسلام ف جي سينيٽر طلحه محمود چيو ته ريمن ڊيوس جو معاملو به ڪلبوشن يادو جهڙو هو.