پ پ ۽ پاڪستان جو عوام ڪشميري عوام سان گڏ آهي: آصف زرداري

August 4, 2017 at 8:43 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ ۽ پاڪستان جو عوام ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هميشه ڪشميرين جي حقن جي حمايت ڪئي، ميڊيا رپورٽ موجب آصف علي زرداري سان چوڌري لطيف اڪبر جي قيادت ۾ ڪشميرين جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آصف زرداري چيو ته پ پ ۽ پاڪستان جو عوام ڪشميري عوام سان گڏ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، جڏهن ته پ پ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار اداڪندي، هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏئي، ڳالهين ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون، ڳرن هٿيارن جو استعمال جلد بند ڪيو وڃي، جڏهن ته گرفتار ڪيل حريت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي.

اي پيپر