پي ٽي آءِ کي ڊيمو ڪريسي پارڪ ۾ ئي ڌرڻي جي اجازت، اسلام آباد ڪنهن به صورت ۾ بند ڪرڻ نه ڏينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

November 1, 2016 at 6:19 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري شهر جي لاڪ ڊائون خلاف داخل سڀئي درخواستون اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ شهر کي بند ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. عدالت ضلعي انتظاميه کي حڪم ڏنو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج کي ڊيموڪريسي پارڪ تائين محدود رکيو وڃي. سومر تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي اسلام آباد کي بند ڪرڻ خلاف داخل مختلف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد، پوليس، ڊپٽي ڪمشنر، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل ڊاڪٽر بابر ، نعيم بخاري ايڊووڪيٽ سميت درخواست گذارن جا وڪيل پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جي جج ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کان پڇيو ته ضلعي انتظاميه ان ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊي سي او عدالت کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه پاڪستان تحريڪ انصاف کي پر امن احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻو ڏيڻ لاءِ ڊيموڪريسي پارڪ مخصوص ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي پر پي ٽي آءِ طرفان ڪو جواب وصول ناهي ٿيو جنهن تي معزز جج پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا عمران خان ڊيموڪريسي پارڪ ۾ ڌرڻو ڏيڻ چاهي ٿو. عدالت جي جج ڪاوڙ جواظهار ڪندي چيو ته اهو ڳالهائڻ جو ڪهڙو طريقيڪار آهي ته جيڪڏهن سينيئر وڪيل چيمبر ۾ اچي ملاقات ڪري ڪونسل ذريعي پيش ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته عمران خان پريس ڪانفرنس ۾ غير مناسب لهجو ڇو اختيار ڪيو آهي، ڇا خان صاحب کان علاوه ملڪ ۾ ڪنهن جي عزت ناهي، مون پاڪستان سان وفاداري ۽ آئين جي پاسداري جو حلف کنيو آهي، منهنجي ڪا ذاتي پسند يا نا پسند ناهي. ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ ڊيموڪريسي پارڪ تان ڌرڻو شروع ڪري ۽ اتان گهرن ڏانهن واپس هليي وڃي. جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا عمران خان قانون کاب بالاتر آهي، ٻڌائي لاڪ ڊائون جو ڪهڙو مطلب آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته اسان ڊيموڪريسي پارڪ کان احتجاج شروع ڪنداسين جنهن تي جسٽس حڪم ڏنو ته توهان اتي جمع ٿين ۽ اتان ئي هليا وڃن. جيڪڏهن ماڻهو وڌيڪ ٿي وڃن ته ايڪسپريس وي ڏانهن وڃن. عدالت 10 منٽن جو وقفو ڪندي عمران خان کي عدالت ۾ طلب ڪيو. وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته پي ٽي آءِ جي وڪيل جسٽس تي اعتراض اٿاريو. ڄاڻايل درخواست کي به عدالت خارج ڪري ڇڏيو ۽ عدالت ڌرڻي بعد سڀئي درخواستون اڪلائيندي تحريڪ انصاف کي ڊيموڪريسي پارڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اي پيپر