پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو: نواز شريف

August 18, 2017 at 8:24 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت 2013 ۾ قائم ٿي ۽ وڏو واضح مينڊيٽ هيو، پي ٽي آءِ پهرين ڌانڌلي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ميان نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو آهي، سي پيڪ تمام بهتر انداز ۾ هلي رهيو هيو، ڌرڻي دوران سخت متاثر ٿيو، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ زورن سان هلي رهيو هيو پر ان تي ڪم ڌرڻن سان متاثر ٿيو، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بدحالي جو ڪير ذميدار هوندو؟، پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو، مون کي ٻڌايو ته ڌرڻو هيو ڇا جي لاءِ؟، مون کي ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، هن چيو ته ڌرڻي جي ڪردارن جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ پهرين پاناما جي درخواست رد ڪئي ۽ پوءِ منظور ڪري ورتي، جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ماڻهو اسان جا بدترين مخالف هئا، مان بطور وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيس، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پورو خاندان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو، ڪهڙي ڳالهه جو احتساب ٿي رهيو آهي؟، شهباز شريف، مريم، حسن ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا، 1972 کان احتساب ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته مون سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هنيون آهن؟، ڪي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هجن ها ته اڄ اوهان جي سامهون شرمسار ويٺو هجان ها، مان ته 70 سالن کان هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، مون ته ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، اسان جي پنهنجي ڪاروباري معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهيو آهي، ستر سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي

اي پيپر