پي سي بي 7 امپائرن کي هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو

November 11, 2017 at 6:32 am

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي 7 امپائرن کي هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو. پي سي بي 7 امپائرن کي معاهدي سان نوازي ڇڏيو آهي جن ۾ احسن رضا، شوذب رضا ۽ احمد شهاب کي 95 هزار، خالد محمود، آصف يعقوب، ضمير حيدر ۽ راشد رياض کي 50 هزار هر مهيني ملندا، ميچ ريفري انيس شيخ کي به هر مهيني 50 هزار رپيا ڏنا ويندا، اهو معاوضو پهرين جولاءِ کان ايندڙ سال 30 جولاءِ تائين ادا ڪيو ويندو. ياد رهي ته احمد شهاب، خالد محمود، آصف يعقوب، راشد رياض ۽ انيس شيخ هن وقت پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ شارجا ۾ جاري سيريز ۾ ذميواريون ادا ڏئي رهيا آهن، هن ڀيري ڪانٽريڪٽ کان محروم رهجي ويندڙ امپائر رياض الدين بي پي ايل ميچز سپروائز ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

اي پيپر