پيءُ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڌيءَ جو نالو استعمال ڪيو ويو، اهو قرض لاٿو جيڪو واجب به نه هو: مريم نواز

July 6, 2017 at 7:18 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر ۾ منهنجو نه هو پر وري به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيس، پيءُ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڌيءَ جو نالو استعمال ڪيو ويو، جي آءِ ٽي کان سوال ڪيو ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي اسان تي الزام ڪهڙو آهي پر جي آءِ ٽي ميمبر چپ رهيا، اسان جو پهريون نه پر پنجون احتساب ٿي رهيو آهي، ٽن نسلن جو حساب ڏئي چڪا آهيون۽ ڏئي رهيا آهيون، مون کي رڳو پاناما ۾ ئي نه پر ڊان ليڪس ۾ به شامل ڪيو ويو. بهادر پيءُ جي بهادر ڌيءَ آهيان. مريم نواز جي آءِ ٽي آڏو پيشي بعد جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سمورن ڀينرن، ڀائرن، بزرگن ڪارڪنن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي ٿورائتي آهيان. جي آءِ ٽي جيڪي ڪجهه پڇيو ان جو جواب ڏنو، پنهنجي والد، چاچي ۽ ان کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جي پيشين بعد اڄ  ان جي باوجود ته سپريم ڪوٽ جي آرڊر ۾ منهنجو نالو نه هو پر وري به جي آءِ ٽي جي آڏو پيش ٿيس.  مون تي جيڪي به الزام لڳايا اهي ٿابت نه ٿيا. هن چيو ته وزير اعظم جي ڌيءَ جي حيثيت سان آئين ۽ قانون جي پاسدار  ڪئي ۽ مون اهو قرض لاٿو جيڪو مون کي واجب به نه هو. جي آءَ ٽي سان ٻن ڪلاڪن جو سيشن ڪيو، منهنجو ساڳيو سوال منهنجي ڀائرن پڇيو ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي پر انهن کي ڪو جواب نه مليو، عوام جو جذبو ۽ خلوص هميشه ياد رهندو، جي آءِ ٽي منهنجي سوال تي ڪو به جواب نه ڏنو. اها دنيا جي پهرين جي آءِ ٽي آهي جيڪا پهرين ٺهي پوءِ الزام پئي ڳولي، نواز شريف 2 وزير وڏو  وزير 3 ڀيرا وزير اعظم رهيو پر ان تي ڪو به الزام ثابت نه ٿيو.  هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪرپشن ڪئي آهي ته ان جو ثبوت سامهون آندو وڃي، پاڪستان ۾ جيڪي به وڏا منصوبا آهن انهن ۾ نواز شريف جو نالو ۽ ن جي مهر آهي. سرڪاري پيسي تي سوال ٺهن ٿا پر ذاتي واپار تي نه. ڪا به ڪرپش نه ٿي ان ڪري سامهون به نه آئي. هن وڌيڪ چيو ته ان پيءَ جي ڌيءَ آهيان جنهن حق لاءِ بيهڻ سيکاريو، مون کي رڳو پاناما ڪيس جي جاچ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، پر نيوز ليڪس ۾ به شامل ڪيو ويو هو، هي اسان جو پهريون نه پر پنجون احتساب آهي، جن کي ڌيئرن جي قدر ناهي اهي هي ڳالهيون نٿا سمجهي سگهن، نواز شريف قانون ۽ آئين جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهي، ڪيس ڪندڙ جون پنهنجون آف شور ڪمپنيون آهن، جيڪڏهن توهان نواز شريف کي روڪي سگهو ٿا ته روڪيو.

اي پيپر