پولنگ بوٿ ۾ پوليس نه پر رينجرز مقرر هئي، متحده پاڻ ماڻهو مارائي پوءِ ماتم ڪندي آهي: سعيد غني
July 15, 2017 at 3:27 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته منهنجي تڪ جي هر پولنگ جي اندر رينجرز اهلڪار موجود هئا، پولنگ اسٽيشنن تي پوليس نه پر رينجرز مقرر هئي، ونگ جو ڪمانڊر سڄو ڏينهن پولنگ واري بلڊنگ ۾ موجود رهيو. اسلام آباد ۾ ميڊيان سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڌانڌلي جي الزام ۾ جن ٻن ماڻهن کي پڪڙيو ويو انهن وٽ نه بيلٽ پيپر هئا نه ئي وري مهرون هيون ۽ انهن ٻنهي ڄڻن کي شام تائين آزاد ڪيو ويو. پي ايس 114 جي هڪ ئي اسڪول ۾ 5 پولنگ اسٽيشنون بڻايون ويون، ڪو به پوليس اهلڪار پولنگ بوٿ اندر موجود نه هو، چنيسر ڳوٺ جي ڄاڻايل اسڪول ۾ ميڊيا به موجود هئي. هن چيو ته الزام لڳايو ويو ته پ پ 114 جي پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪيو آهي، پولنگ اسٽينن تي پوليس نه پر رينجر زمقرر هئي، پولنگ اسٽيشنن کي تبديل ڪرڻ وارو الزام به غلط آهي، مون تي الزام لڳايو ويو ته مون سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا آهن جڏهن ته منهنجي چوڻ تي ڪا به پولنگ اسٽيشن تبديل نه ٿي، ان کان پهرين پولنگ اسٽيشنون ايم ڪيو ايم جي مرضي سان بڻايو وينديون هيون ۽ ڪنهن وزير يا صلاحڪار منهنجي تڪ جو دورو نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ماڻهن کي به ماريندي ۽ ان تي ماتم به ڪندي، بلاول جي آمد جي موقعي تي ڪجهه ايم پي اي آيا پر انهن کان تقرير نه ڪرائي وئي.