پنوعاقل ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري واپڊا ملازم پول تان ڪري زخمي، اسپتال منتقل، ڪجهه دير ۾ فوت
February 23, 2017 at 8:58 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
پنوعاقل ( رپورٽ سجاول سومرو ) بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري واپڊا ملازم پول تان ڪري زخمي، اسپتال منتقل، ڪجهه دير ۾ فوت، رپورٽ موجب، گرڊ اسٽيشن جي پولن تي ڪم ڪندڙ واپڊا ملازم تارون ٺاهي رهيو هو ته اوچتو گرڊ اسٽيشن وارن بجلي چالو ڪري ڇڏي ڪم ڪندڙ ملازم گهوٽڪي واسي سردار بخش قاضي پول تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو، واپڊا جي نااهلي سبب ايڏو سانحو ٿيو آهي اکين ڏٺين شاهدن جي مطابق واپڊا ملازم پنهنجي ڊيوٽي ڏئي رهيو هيو ته بجلي جون تارون جوڙي رهيو هو ته اوچتو بنا اطلاع بجلي چالو ٿيڻ ڪري ملازم سردار بخش قاضي پول تان ڦهڪو ڏئي ڪري پيو سخت زخمي ٿيڻ ڪري موجود ملازمن اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته وارثن کي ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو، فوتي ملازم جو لاش گهوٽڪي روانو ڪيو ويو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو. واپڊا وارن کي پٽون پاراتا. وني ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. اتي موجود ماڻهن واپڊا جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته واپڊا عملي جي غفلت جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪئي وڃي.