پنوعاقل لڳ جتوئي برادري جي 25 جريب زمين تي بيٺل ڪمند کي اوچتو باهه لڳي وئي
February 3, 2017 at 11:15 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
پنوعاقل (رپورٽر)لڳ ڳوٺ چندن مياڻي ۾ جتوئي برادري جي 25 جريب زمين تي بيٺل ڪمند کي اوچتو باهه لڳي وئي اهڙو اطلاع ٽائون ڪاميٽي آفيس ڏنو ويو پر فائربرگيڊ عملو دير سان پهچڻ سبب هارين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو ، جتوئي برادري جي هارين ٻڌايو ته 50 فيصد ڪمند سڙي ويو آهي ۽ لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ، واضح رهي ته 25 جريب زمين ۽ شهر اندر 35 دوڪانن تي ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آهي زمين جي مالڪن شهبان قربان شاهد جتوئي دانهيندي چيو آهي ته شفيع محمد ، دلدار جتوئي ،ڪوڙو جتوئي وارن سان زمين ۽ شهر جي دڪانن واري ملڪيت تي تڪرار هلندڙ آهي اسان کي پورو شڪ آهي ته دلدار ۽ شفيع محمد وارن اسان کي مالي نقصان رسايو آهي ۽ اسان کي خدشو آهي ته هو ڪنهن وقت به اسان کي جاني نقصان پهچائي سگهن ٿا ، ڇو ته هو اسان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ هنن اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ڪمند کي باهه لڳڻ جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي .