پنجاب اندر سڀ ڪجهه ٺيڪ هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارا اسان کي جلسي جي اجازت نه ٿا ڏين: بلاول ڀٽو

ڪراچي(م د) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مفادن خلاف پيپلز پارٽي حڪومت جي ڀرپور مخالفت ڪندي ۽ مزاحمت به ڪندا رهنداسين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان عوام جي حقن جو تحفظ ڪري رهيا آهيون ۽ هميشه ڪندا رهنداسين، مفادن خلاف موجوده حڪومت جي پاليسيءَ جي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، بلاول ڀٽو چيو ته اسان سنڌ اندر وزير اعظم نواز شريف کي جلسو ڪرڻ لاءِ ڀرپور سيڪيورٽي ڏني، پر پنجاب جا حالات هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ ن ليگ حڪومت اسان کي پنجاب اندر جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي، هن چيو ته پنجاب حڪومت اسان کي اجازت ڏي يا نه ڏي، پر اسان پنجاب ۾ جلسو ضرور ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *