پرويز مشرف کي ڀڄائڻ ۾ منهنجو ۽ باز محمد ڪاڪڙ جو به حصو آهي: اعتزاز احسن

August 3, 2017 at 7:45 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪوئيٽا(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته عدليه  آزادي واري تحريڪ ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب تحريڪ هئي، پرويز مشرف کي ڀڄائڻ ۾ منهنجو ۽ باز محمد ڪاڪڙ جو به حصو آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته اسان بلوچستان ۾ فوجي ايڪشن جي ڪڏهن به حمايت ناهي ڪئي پاڪستان ۾ فرقيواريت سان گڏوگڏ مذهبت ورايت به اچي وئي، اسان کي پنهنجي ڪالر ۾ اک وجهي ڏسڻو پوندو، هن چيو ته اسان ڪم بس اهو رهجي ويو آهي ته پاڻ کي  اڏايو ۽ ٻين کي به ختم ڪيون، منهنجو يقين آهي ته مسلمانن جي هٿان غير مذهب  جي هٿن کان وڌيڪ مسلمان شهيد ٿيا.

اي پيپر