پرويز مشرف جي دور ۾ مني لانڊرنگ بابت مونکان حلفي بيان زبردستي لکرايو ويو: اسحاق ڊار
November 4, 2016 at 5:45 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورور پورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاناما ليڪس جي حوالي سان درخواستن تي سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته آئون ڪڏهن به مني لانڊرنگ ۾ ملوث ناهيان رهيو، پرويز مشرف جي دور ۾ مون کان حلفي بيان زبردستي لکرايو ويو ۽ مون تي لڳايل الزامن جو فيصلو عدالت ڏئي چڪي آهي. اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته درخواست ۾ منهنجي خلاف بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، مون تي لڳايل الزام لاڳاپيل فورم تي ناهن اٿاريا ويا. منهنجي خلاف سينيٽ چيئرمين کي ڪو به ريفرنس ناهي موڪليو ويو. هن چيو ته آئون ڪڏهن به مني لانڊرنگ ۾ ملوث ناهيان رهيو.