پرويز مشرف آصف علي زرداريءَ کي بينظير ڀٽو جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو

دبئي (م ڊ)  اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد بينظير ڀٽو جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ وڊيو بيان ۾ پرويز مشرف چيو ته بينظير ڀٽو کي آصف علي زرداري قتل ڪرايو. هن چيو ته بلاول، آصفه، بختاور ۽ قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته بينظير جو اصل قاتل ڪير آهي؟ سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو کانسواءِ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ به آصف علي زرداري ملوث آهي. پرويز مشرف چيو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام مٿس هنيو ۽ نالو کڻي کيس للڪاريو آهي. هن چيو ته ڏسڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو جي قتل جو فائدو ڪنهن کي پهتو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *