پرتشدد سوچ جي خاتمي تائين انتها پسندي ختم نه ٿي سگهندي: خواجه آصف
May 23, 2017 at 7:44 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سيالڪوٽ( م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ لبرل به پرتشدد بڻجي انتها تي پهچي چڪا آهن. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته ڪڏهن به اهو نه سوچو هو ته لبرل به انتها پسند ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته دين توازن سيکاري ٿو، اسان جي ملڪ ۾ سياسي سوچ هجي، مذهبي يا نظرياتي اها پرتشدد آهي. سندس چوڻ هو ته پرتشدد سوچ ختم نه ٿيندي تيستائين دهشتگردي ختم نه ٿي سگهندي. خواجه آصف چيو ته سموري جنگ، جدل ۽ رنڊڪن باوجود نواز شريف ترقيءَ جو سفر بيهڻ نه ڏنو، سياسي محاذ تي اسان اڳيان ڏکيايون ۽ رنڊون پيدا ڪيون ويون. هن چيو ته اسان 4 سال ڪڍي وياسين باقي هڪ سال به ڪڍي وينداسين، سياسي محاذ تي جنگ ڪاميابي سان وڙهي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ پاڪستاني عورتون ئي فائٽر پائليٽ طور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. خواجه آصف چيو ته دهشتگري خلاف جنگ ۾ نياڻيون فوج ۾ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي رهيون آهن.