پبلڪ هيلٿ انجنئرنگ جي ڪم مان مطمئن نه آهيان،تڪڙو ڪم ڏيکاريو نه ته گهر وڃو؛وڏو وزير
March 8, 2017 at 5:59 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مان پبلڪ هيلٿ انجنئرنگ جي ڪم مان مطمئن نه آهيان توهان ڪم نه ڪيو ته نوان انجنيئر ڀرتي ڪري انهن کان ڪم وٺندس پاڻ ۾ خدمت جو جذبو پيدا ڪيو جيڪو پروجيڪٽس جلد مڪمل ڪندو ان کي مان انعام ڏيندس اربع تي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ بابت اجلاس وڏي وزير سيڪريٽريٽ ۾ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ وڏي وزير پبلڪ هيلٿ انجنرنگ جا 63 منصوبا مڪمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هو گهڻو برداشت ڪيو آهي هاڻي آفيسرن جي خلاف ايڪشن وٺندس. مون کي هڪ مهيني ۾ مٺي جو منصوبو مڪمل گهرجي 2007 ۾ شروع ٿيندڙ ٿر ۾ پاڻي جو منصوبو به اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ويئي ته بجلي نه هجڻ سان ٿر جي پاڻي جي فراهمي وارو منصوبو فنڪشنل نه ٿي سگهيو آهي لاڙڪاڻي ۾ 1460 ملين کان 6 نوان پمپنگ اسٽيشن لڳائڻا آهن لاڙڪاڻي شهر ۾ پاڻي جي نيڪال وارو پاڻي رستن نه بيهي رهيو آهي بدين جي ڊسٽرڪٽ اسپتال مڪمل آهي جڏهن ته 75 ملين سان بدين ۽ گولاڙچي روڊ هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيندو سنڌ جي وڏي وزير انتظاميه کي هدايت ڪئي ته توهان پنهنجي ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪيو مان پبلڪ هيلٿ انجينرنگ جي ڪم کان مطمئن نه آهيان توهان اجلاس ۾ مڪمل تياري ڪري ايندا ڪيو سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير فياض ٻٽ کي بذات خود هر منصوبي جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي ان کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ هڪ ٻيو اجلاس ميگا پروجيڪٽس جي حوالي سان ڪوٺايو ويو اجلاس کي مراد علي شاهه کي ڪراچي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويئي ته سب ميرين چورنگي انڊر پاس تي ڪم جلد ئي شروع ٿيندو اها اسڪيم 770.411 ملين رپين جي آهي ان انڊر پاس تي ڪم جي لاءِ موبلائيزيشن شروع ٿي ويئي آهي سب ميرين تي ڊائيو ويزن روڊ ٺاهڻ شروع ڪيو آهي جنهن کي ڊائيو ويزن مڪمل ٿيندو ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪي پراجيڪٽس جلد مڪمل ڪندا انهن کي انعام ڏيندس هن هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال لاءِ به اهي اسڪيمون ٺاهي ڏيو ايندڙ سال ۾ 10 بلين رپين جا وڌيڪ پروجيڪٽس ڪرڻ چاهيان ٿو جڏهن ته ڊرگ روڊ انڊرپاس پوشن جو هن سال جون ۾ افتتاح ڪندس.