پاڪ فوج عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکندي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪنٽرول لائين جو دورو ڪيو آهي، آرمي چيف ڪيل سيڪٽر ۽ شارده ۾ اڳين مورچن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي جي او سي مري ميجر جنرل اظهر عباس ڪنٽرول لائين جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، آرمي چيف کي ڀارت طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙين کان به آگاهه ڪيو ويو، آرمي چيف ڀارتي ڇڪتاڻ جي ردعمل ۽ آپريشن تيارين کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته شرپسندن جي موجودگي جو ڀارتي پروپيگنڊه ڪمشنير ۾ ڇڪتاڻ ڦهلائڻ جي ڪوشش آهي، ڀارتي ناپاڪ ارادا ۽ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، آرمي چيف چيو ته آزاد ڪمشير جو عوام والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ مڙهيل ايجنڊه کان آگاهه آهي، پاڪ فوج عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکندي، آرمي چيف آزاد ڪشمير حڪومت سان ملي ترقياتي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ جي هدايت ڪئي، آرمي چيف ڀارتي فورسز کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي جوانن کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مقامي آبادي ۾ آدم شماري تي به بريفنگ ڏني وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *