اسلام آباد: (بيورو)پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ في الحال اعليٰ سطح تي ڪو رابطو نه ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ في الحال ڪو اعليٰ سطحي رابطو نه ٿيو آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان آمريڪي جنرل نڪلسن طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن بابت بيان کي رد ڪندي چيو ته اهو بيان غيرضروري ۽ ناقابل قبول آهي. نفيس ذڪريا افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ۽ ٽيڪساس ۾ طوفان سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار به ڪيو.