پاڪستان مسلم ملڪن جي اتحاد تي يقين رکي ٿو، ايران سان پنهنجا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيون ٿا: چوڌري نثارعلي خان

May 4, 2017 at 3:07 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته پاڪستان مسلم ملڪن جي اتحاد تي يقين رکي ٿو ايران سان پنهنجن لاڳواپن تي خاص اهميت ڏيون ٿا پاڪستان ايران ۾ مضبوط لاڳاپن جي رستي ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي اچڻ نه ڏنو ويندو جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي مسلمانن کي درپيش مسئلن جي حل لا3 گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ٻنهي ملڪن کي بين الاقوامي معاملن تي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي اربع تي ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ۽ چوڌري نثارعلي خان ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ ايران ٻطرفا لاڳاپا ۽ تعاون جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ٻنهي ملڪن کي بين الاقوامي معاملن کي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ان موقعي تي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل مذهب تاريخ ۽ جاگرافيائي حوالي سان هڪٻئي سان جڙيل آهن هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ مضبوط لاڳاپن جي رستي ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي نه اچڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته ايران نه صرف اسان جو پاڙيسري ۽ دوست پر هڪ برادر اسلامي ملڪ آهي.

اي پيپر