پاڪستان خطي ۾ امن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو: احسن اقبال
March 4, 2017 at 3:11 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ترقي سڌارن ۽ منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه سبب پاڪستان وچ ۽ ڏکڻ ايشائي ۽ الهندي ملڪن ۾ واپار لاءِ اهم ملڪ بڻجي ويندو هو جمعي تي پلاننگ ڪميشن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو اجلاس ۾ چين جي سفارتخاني ۽ واسطيدار وزارتن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ توانائي روڊ رستا ريلوي ماس ٽرانزٽ منصوبا خاص اقتصادي زون ۽ گوادر جي تڪميل هيٺ منصوبن جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ سي پيڪ جو ڊگهي مدي واري منصوبي جو جائزو به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي اجلاس کي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران توانائي جي تڪميل هيٺ منصوبن تي بريفنگ ڏني ويئي ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته توانائي منصوبن کي ماحول دوست بنائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي جو استعمال ۽ بين الاقوامي قانون کي مدنظر رکيو وڃي. معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو هن چيو ته بجلي جي ٽرانسميشن لائينون ۽ ڊسٽيبيوشن جا منصوبا پيداواري منصوبن جو توازن مڪمل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي ان ۾ ٿورڙي به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اختيارن کي الهندي روٽ ۽ ملتان سکر موٽر وي جي منصوبن جي حوالي سان خاص هدايت ڪئي ته رستن جي مڪمل ٿيڻ ۾زمينن کي حاصل ڪرڻ ۽ معاوضو طئي ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن سان تعاون ڪيو وڃي هن چيو ته ڇهين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي ۾ جن رستن کي سي پيڪ جو حصو بڻايو ويو آهي انهن تي ڪم جي وقت سر شروعات کي يقيني بڻايو وڃي هن چيو ته انفرااسٽريڪچر گروپ وڏن رستن جي نون منصوبن تي صوبائي اختيارين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙي.