پاڪستان جي معاشي صورتحال مستحڪم ٿي، ورلڊ بينڪ جواعتراف

November 11, 2017 at 6:22 am

ڪراچي (اين اين آءِ) ورلڊ بينڪ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو آهي ته معاشي ۽ اقتصادي گهٽ اطمينان جي باوجود ٻه هزار سترنهن ارڙنهن ۾ پاڪستان جي جي ڊِي پي جي واڌ جي شرح ۾ 5.5 اضافو ٿيو ۽ ايندڙ سال ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه ۾ هي اضافو وڌيڪ 5.8 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جي تيزي سان بهتر ٿيندڙ ترقي ۽ مستقبل جي معاشي حڪمت عملي جا هاڪاري نتيجا اڳيان اچي رهيا آهن، جڏهن ته تيل جو ملهه وڌندي قيمتن سياسي ۽ سيڪيورٽي خطرن کي منزل انداز ۾ حل ڪرڻ جي ڪري معيشت ۾ آهستي آهستي بهتري آئي، عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر لانگو مطابق پاڪستان کي ضرورت آهي ته اهو معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪري ۽ ناقص پاليسين کان پري رهي ته جيئن گلوبل مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري سگهي، ورلڊ بينڪ مطابق چونڊ عمل جي هلڻ سان پاڪستان جي جملي کپت ۽ جي ڊي پي جي واڌ واري شرح ۾ اضافو ٿيو ۽ ان ڪري بينڪ روانگي ۽ حڪومتي خرچن ۾ به اضافو ٿيو، عالمي بينڪ چيو ته پرچون، ٽرانسپورٽ، اسٽوريج ۽ مواصلات جي ماتحت شعبا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته پرائيويٽ سيڪٽر ٻه هزار سترنهن ارڙنهن ۾ 5.8 سيڪڙو مان ترقي ڪري 6 سيڪڙو تائين پهچي ويندو، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي جي ڪري بجلي جي فراهمي جو نظام بهتر ٿيو جنهن سبب صنعتي شعبي ٻه هزار سورنهن سترنهن جي مقابلي ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو، اهڙي طرح زراعت جي شعبي ۾ هلندڙ سال 2.9 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو ساڍن 3 سالن جي بلند سطح تي آهي، ورلڊ بينڪ موجب معاشي دٻاءَ سبب پاڪستان جي ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ خسارو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ان کي بروقت معاشي سڌارن واري پاليسي تحت ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ٻه هزار سترنهن ارڙنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو 4 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل سال 4.1 سيڪڙو هو، معاشي سال جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ۾ ڪرڪيٽ اڪائونٽ جو خسارو 3 کرب 50 ارب ڊالر رهيو جيڪو جملي طور تي 112 سيڪڙو آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪري خساري ۾ گهٽتائي ٿي، جنهن سبب ڪيپيٽل ۽ معيشت مٿي آئي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا ذخيرا به گٽ ٿي ويا.

اي پيپر