پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي مساوي حيثيت حاصل آهي: وزيراعظم

March 8, 2017 at 5:55 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي مساوي حيثيت حاصل آهي حڪومت عورتن بابت انساني حقن جي اهم شعبن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزياعظم چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي مساوي حيثيت حاصل آهي عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ شامل ٿيڻ جو حق حاصل آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي ڪم ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا حاصل آهن وزيراعظم چيو ته حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. عورتن کي معاشري جو فائديمند ميمبر بنائڻ لاءِ هر سطح تي شموليت قومي ذميواري آهي هن چيو ته حڪومت انساني حقن بابت 2030 جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت صنفي بنيادن تي تشدد ۽ عورتن جي خلاف امتيازي ورتاءَ واري قانون جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائين حڪومت پاڪستان عورتن جي ترقي بابت بين الاقوامي ڪنوينشنز ۾ عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.

اي پيپر