پاڪستان جو آئين ۽ قانون ڪنهن جي دٻاءُ هيٺ نه ايندو : مريم اورنگزيب

June 30, 2017 at 3:05 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ وقت جو زيان آهي، هو جبل کان لهي آيو آهي ۽ ٻين جا پٽڪا لاهي رهيو آهي، عمران خان جي تازي بيان تي تبصرو ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان جو احتساب تي ڳالهائڻ کل جهڙو عمل آهي، عمران خان سان ڪرپٽ ماڻهو بيٺل آهن، عمران خان وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز کان ڊڄي رهيو آهي، هن چيو ته شريف خاندان احتساب لاءِ جي آءِ ٽي جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو آئين ۽ قانون ڪنهن جي دٻاءُ هيٺ نه ايندو، عمران خان کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، هو هاڻي عوام وچ ۾ نه ٿو وڃي سگهي، هو رڳو بني گالا ۾ مائيڪ سامهون ڳالهائي سگهي ٿو.

اي پيپر