پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شڪارپور ۾ رينجرز جي حمايت ۾ ريلي
July 2, 2017 at 11:06 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
شڪارپور ( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شڪارپور ۾ رينجرز جي حمايت ۾ ريلي ، رينجرز سنڌ ۾ امن قائم ڪرايو ، شڪارپور بدنام ضلعو هو رينجزر هتي به امن قائم ڪرايو ، پي ٽي آئي سنڌ ۾ مضبوط آهي وڌيڪ ماڻهو شموليت ڪندا ، زرداري جن کي ڪنا آنا چئي رهيو آهي اهي پ پ پ ۾ وڏن عهدن تي فائز هئا ، پي ٽي آئي اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس . تفصيل موجب : ڪالھ سومرا هائوس کان پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري افتخار احمد سومرو ۽ ضلعي صدر اعظم بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ رينجرز جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي شڪارپور پريس ڪلب پهتي جتي رينجرز جي حق ۾ نعرا هنيا ويا ، بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي افتخار احمد سومرو چيو ته سنڌ ۾ بد امني عروج تي هئي رينجرز نه صرف ڪراچي بلڪي اٻاوڙو تائين امن قائم ڪرايو آهي پوري سنڌ ۾ شڪارپور ڏوهن جي حوالي سان مشهور هو جڏهن ته هاڻي اڌ رات جو به سفر ڪري سگهون ٿا ، هن چيو ته ڏوه ٻين ضلعن ۾ ٿيندو هو پر برآمد شڪارپور مان ٿيندي هئي ، اسان به شڪارپور جا رهائشي آهيون ان بدناميءَ تي اسان کي به شرم ايندو هو پر سان شڪر گذار آهيون رينجرز جا جنهن امن قائم ڪرايو آهي ، هن چيو ته شڪارپور جي حالت زبون هال ٿي چڪي آهي ڪوئي روڊ سلامت نه آهي ، حڪمران 88 ڪروڙ صرف ڊرينج تي خرچ ڪري چڪا آهن پر اڃان تائين ڊرينج جو سسٽم صحيح نه ٿيو آهي ۽ اهڙي طرح تعليمي ادارن به بي فائدا بڻيل آهن سوين اسڪول بند آهن تعليمي نظام ناڪاره بڻجي چڪو آهي اهڙي طرح صحت جا ادارن مان به عوام کي ريلف نه ٿو ملي سمورا ادارا ڪرپشن ور چڙهي ويا آهن مان پنهنجي مدد پاڻ تحت شڪارپور جي سول اسپتال کي سهوليات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي امريڪن اسپتال کان ڊيلي ميڊيسن جي ذريعي لنڪ قائم ڪرايو ، ڊاڪٽر مسعود بدوي کي امريڪا ٽرينگ لاءِ موڪليو تاڪي هو هتان جي عوام جي خدمت ڪري ، آپريشن روم کي جديد بڻايو ۽ اسٽرلائيز ڪرايو پر حڪمرانن ڊاڪٽر مسعود بدوي جي بدلي ان ڪري ڪرائي ته هي سومرو سان مليل آهي ، ان اسپتال ۾ منهنجا رشتيدار علاج نه ڪرائيندا آهن غريب عوام جو فائدو ٿئي هئا ، 91 ارب روپيا لاڙڪاڻي جي لاءِ آيا پر لاڙڪاڻي جي حالت اها آهي ته روڊن ۾ کڏا پيل آهن ، مٽي اڏري رهي آهي ۽ روڊن تي گٽرن جو گندو پاڻي راڄ ڪري رهيو آهي ، پ پ پ کي سنڌ ۾ حڪمراني ڪندي 9 سال گذري چڪا آهن پر عوام جي حالت نه سڌري آهي ، غربت وڌي رهي آهي مهانگائي عروج تي آهي اهڙي طرح ڪرپشن به عروج تي آهي هر سال فنڊ اچن ٿا ڪاڏي ٿا وڃن ڪوئي پڇڻ وارو نه آهي ، جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي اسان اميد ٿا ڪريون ته فيصلو اچڻ کانپوءِ پاڪستان جو سرمايو باهر منتقل ٿيڻ جي روڪ ٿام ضرور ٿيندي ۽ ڪرپشن ۾ ڪمي ايندي ، پي ٽي آئي جي پوزيشن سنڌ ۾ مضبوط آهي پي ٽي آئي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته ڪرپشن ، مهانگائي ۽ بيروزگاري کان نڪرڻ چاهن ٿا ته يا نه ، يا آزمايلن کي بار بار آزمائن ٿا اڃان وڌيڪ ماڻهوڻ پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندا پر اهي خاص وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن ، آصف علي زرداري پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻن جيالن کي ڪنا آنا چئي رهيو آهي پر اهي ته پ پ پ ۾ اعلى عهدن تي فائز هئا ، باقي ٽڪيٽ جو جيڪو تعلق آهي اهو فيصلو بورڊ ڪندي اسان سڀ ڪارڪن آهيون ۽ اسان فيصلو قبول ڪنداسين.