پاڪستان آپريشن ردالفساد ذريعي دهشتگردي کي پاڙئون اکيڙي ڇڏيندو: آرمي چيف
June 16, 2017 at 10:29 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هر طرح جو خطرو جامع قومي ردعمل جي گهر ڪندو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو، خطاب دوران آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطري جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، دهشتگردي جو ڪوئي مذهب ناهي هوندو، آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خطري سان بنا فرق وڙهيو، دهشتگردي جو ڪوئي مذهب، ڪوئي فرقو ناهي هوندو، پنهنجي ذميدارين کان اکيون بند ڪري دهشتگردي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، آرمي چيف چيو ته پاڪستان آپريشن ردالفساد ذريعي دهشتگردي کي پاڙئون اکيڙي ڇڏيندو، هن چيو ته دهشتگردي کي هڪ ٻئي تي الزام لڳائي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع ۽ سڪيورٽيءَ جو عزم ڪري رکيو آهي.