پاڪستاني چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي آهي: عبدالباسط
May 24, 2017 at 8:26 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نئين دهلي (م ڊ): ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته پاڪستاني چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي آهي، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالباسط چيو ته پاڪستان جو تڪرار مسئلن ي پرامن طريقي حل ڪرڻ بابت آهي، هن چيو ته ان معاملي تي ڀارت وٽ پنهنجي وڏائي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي، پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، دهشتگردي بابت پاڪستان جو موقف سخت رهيو آهي، پاڪستان ڳالهين کان پٺتي نه هٽي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو سمورن مسئلن جي پاڙ آهي، هن چيو ته جاسوس ڪلڀوشن جو ڪيس قانوني گهرجن سان گڏ هلي رهيو آهي.