پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جي شفافيت تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو: پي ٽي آءِ جو ترجمان

May 6, 2017 at 1:16 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو اهي ته پانامه ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي شفافيت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو سپريم ڪورٽ تي اسان کي پورو ۽ مڪمل اعتماد آهي اميد آهي ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته سپريم ڪورٽ تي اسان کي پورو اعتماد آهي جي آءِ ٽي بابت افواهن جي مذمت ڪيون ٿا اسان ان معاملي تي مڪمل طور تي سپريم ڪورٽ سان گڏ آهيون. اسان پراميد آهيون ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ 60 ڏينهن ۾ تيار ڪري وٺندي. وزيراعظم هر شئي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان لاءِ اسان ان تي نظر رکنداسين ته حڪومت جي آءِ ٽي جي ڪارروائي تي اثرانداز نه ٿئي نعيم الحق چيو ته قوم ڊان ليڪس جي رپورٽ منظرعام تي آڻڻ جي انتظار ۾ آهي جڏهن ته وزيراعظم ان معاملي جي رپورٽ کي دٻائي رکيو آهي. هن چيو ته اسان جي خيال ۾ ماڊل ٽائون واقعي جي رپورٽ ۾ وزيراعظم جو ڀاءُ شهبازشريف کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ان لاءِ ان رپورٽ کي به لڪايو ويو آهي. اسان جو مطالبو آهي ته نوازشريف سچ تي سمجهوتو نه ڪري. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل چيو آهي ته اسان پهرين ڏينهن کان عدليه جو احترام ڪيو آهي پاڪستان ۾ اها روايت نه آهي ته اپوزيشن عدالتي فيصلن کي تسليم ڪري پر اسان عدالتي فيصلن کي قبول ڪري رهيا آهيون. هاڻي پاڪستان جي ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جي آءِ ٽي جي شفافيت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو ادارن تي عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کان جي آءِ ٽي جي جاچ سڌوسنئون نشر ڪرڻ گهرجي.

اي پيپر