پاناما ڪيس ۾ ڌرين کي 15 نومبر تائين شاهديون ڏيڻ ۽ حسين نواز کي پيش ٿي دستاويز ڏيکارڻ جو حڪم،
November 8, 2016 at 5:54 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن تي وزيراعظم جي ٻارن سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ ناهي، ٽئي ٻار ڪنهن سرڪاري عهدي تي ناهن،نواز شريف جو پٽن جي ڪاروبار ۾ ڪو ڪردار ناهي ۽ نه ئي لنڊن واري ملڪيت سان ڪو تعلق آهي،عدالت ڌرين کان ڪيس بابت سمورا دستاويز طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد جي آئيني درخواستن جي ٻـُڌڻي ڪئي. اڳوڻي اٽارني جنرل ۽ وزيراعظم جي وڪيل سلمان بٽ، مريم نواز، حسين ۽ حسن نواز جا جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. سلمان بٽ وزيراعظم جي ٻارن جو جواب پڙهي ٻڌايو، سندس چوڻ هو ته مريم نواز، وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ ناهي،جڏهن ته وزيراعظم جي ٽنهي ٻارن مان ڪنهن وٽ به سرڪاري عهدو ناهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته حسين نواز 16 ۽ حسن نواز 22 سالن کان پاڪستان کان ٻاهر آهن. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽئي ٻار مريم نواز، حسين نواز ۽ حسن نواز بالغ آهن، والد نواز شريف جو پٽن جي ڪاروبار ۾ ڪو ڪردار ناهي ۽ نه ئي ان جو لنڊن ملڪيتن سان ڪو تعلق آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت سان مذاق نه ڪئي وڃي، اوهان جي ڳالهه کان وڌيڪ دستاويز اهم آهن، مريم نواز پاڻ کي پهريان ڪفالت هيٺ ظاهر ڪيو. جسٽس آصف سعيد کوسا، وزيراعظم جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته مريم نواز هاڻي ڪنهن جي ڪفالت هيٺ ناهي جنهن تي سلمان بٽ چيو ته مريم نواز 2011ع ۾ ڪنهن جي ڪفالت هيٺ نه هئي،ڪميشن آڏو سڀ شيون پيش ڪيون وينديون جنهن تي عدالت چيو ته جواب مان لڳي رهيو آهي ته ڪجهه لِڪايو پيو وڃي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هـُو بادشاهه بڻجي ناهن ويٺا ته جنهن خلاف چاهين حڪم ڏين، آئين ۽ قانون موجب حڪم جاري ڪيو ويندو. جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته وقت جي حڪمران جو معاملو ٻين ماڻهن کان مختلف آهي، حضرت عمر کي هڪ شخص ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ۽ سوال اٿاريو. چيف جسٽس چيو ته پاناما ليڪس ۾ جج جو نالو به آيو آهي پر جج خلاف جاچ جو طريقيڪار الڳ آهي،جيڪي عوامي عهدي تي آهن انهن جو ڪيس هلندو رهندو، ڇا جاچ ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي؟ 600 ماڻهن خلاف جاچ 20 سالن جو منصوبو آهي. عدالت، وزيراعظم سميت سمورين ڌرين کان ڪيس بابت سمورا دستاويز طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.