پاناما ڪيس ۾ عدالت کان بهتر فيصلي جي اميد آهي: وزيراعظم

July 22, 2017 at 7:11 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان سدائين عدالت سامهون سر هيٺ رکيو آهي، پاناما ڪيس ۾ عدالت کان بهتر فيصلي جي اميد آهي ۽ عدالت جي ڪنهن به فيصلي کي قبول ڪيو ويندو، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو خلاف اچڻ جي صورت ۾ سمورن قانوني ۽ آئيني آپشنز کي استعمال ڪيو ويندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي عوام، ڪابينا ۽ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، اوپوزيشن جماعتن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکندو، اجلاس ۾ وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي وزير ۽ صلاحڪارن کانسواءِ قانوني ماهرن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجا آصف به شريڪ ٿيا، جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.

اي پيپر