پاناما ڪيس: گڏيل جاچ ٽيم ٽين رپورٽ اڄ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي

June 21, 2017 at 11:53 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): پاناما جاچ جا 45 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي جي آءِ ٽي پنهنجي ٽين رپورٽ سڀاڻي (اڄ) ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي، جي آءِ ٽي پاناما ڪيس بابت پنهنجون 2 رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، ان کان اڳ جي آءِ ٽي طرفان 7 جون تي ٻي رپورٽ جمع ڪرائي وئي هئي، گذريل ٻڌڻي ۾ ججز رپورٽ پڙهڻ بعد مهربند ڪري رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي هئي، سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته جاچ درست رخ ۾ وڃي رهي آهي ۽ اهو ته جي آءِ ٽي جي لاءِ مقرر 60 ڏينهن جي مدي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، سپريم ڪورٽ تصوير ليڪ معاملي تي ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ جي آءِ ٽي ۾ جاچ دوران آڊيو وڊيو رڪارڊنگ روڪرائڻ جي حسين نواز جي درخواست رد ڪري چڪي آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته آڊيو وڊيو رڪارڊنگ ثبوت جي طور تي پيش نٿي ڪري سگهجي، قانوني حيثيت رڳو لکت بيان جي

اي پيپر