پاناما ليڪس سان ايتري تڪليف ناهي ٿي، جيتري ڪرڪيٽ گرائونڊ مان ڪڍڻ تي ٿي هئي: نواز شريف
July 5, 2017 at 6:27 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته اوهان کي سرفراز احمد چوان يا سرفراز احمد خان چوان؟، شهريار خان چوندو رهندو هيو ته سرفراز کي ڪپتان بڻائڻ چاهيان ٿو، منهنجي خواهش آهي ته سرفراز احمد اوهان سان هٿ ملايان، اصل ليڊر اوهان آهيو، وزيراعظم به اوهان آهيو، هراري ۾ فرينڊلي مئچ هيو ورلڊ اليون جا ڪجهه ڪرڪيٽرز هيا، سڄي زندگي ڪرڪيٽ ڏسندو ۽ کيڏندو آيو آهيان، ياد ناهي ته مون ڪيترا ڇڪا هنيا پر چوڪا گهڻا هنيا، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان ته ٽائيٽل جا وزيراعظم آهيون، اصل وزيراعظم ته اوهان آهيو، سربراهن جي مئچ ۾ سڀ کان وڌيڪ 36 رنز مون بڻايون ۽ ناٽ آئوٽ هيس، شهباز شريف ۽ ٻين وڏن وزيرن کي چوندس يوسي جي سطح تي گرائونڊ هجڻ گهرجي، هن چيو ته ننڍپڻ کان بائونسر جڏهن به ايندو هو، مون کان برداشت نه ٿيندو هيو، وزيراعظم چيو ته پاناما ليڪس سان ايتري تڪليف ناهي ٿي، جيتري ڪرڪيٽ گرائونڊ مان ڪڍڻ تي ٿي هئي، ريلوي جي گرائونڊ تي کيڏڻ وياسين ته منع ڪيو ويو، تمام گهڻي تڪليف ٿي، عالمي ڪرڪيٽر پاڪستان اچن ٿا، خوشي سان ڀلي اچن، ڪنهن کي ايلاز نه ڪريو، جيڪا پرڏيهي ٽيم پاڪستان نٿي اچڻ چاهي ته ان کي ايلاز نه ڪريو، اسان هر ميدان جا فاتح آهيون، سرفراز صاحب اصل ليڊر اوهان آهيو، وزيراعظم به اوهان آهيو، وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي ڪپتان سرفراز احمد کي سووينيئر پيش ڪيو.