پاناما ليڪس، جي آءِ ٽي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪندي
July 10, 2017 at 7:24 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) پاناما ليڪس جي جاچ جي لاءِ ٺاهيل ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ اڄ سومر تي رپورٽ پيش ڪندي، تفصيلات جي مطابق سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاناما ليڪس معاملي تي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ٽي رڪني بينچ اڄ سومر تي ٻڌڻي ڪندو ان سلسلي ۾ پاناما ليڪس جي جاچ جي لاءِ پنهنجي حتمي رپورٽ بينچ جي سامهون پيش ڪندي ياد رهي ته جي آئي ٽي جي سامهون نواز شريف سميت شريف فيملي جي 8 ماڻهون پيش ٿيا هئا. نواز شريف جي وڏي پٽ حسين نواز 6 دفعا جي آئي ٽي ۾ پيش ٿيو جنهن کان تقريبن 30 ڪلاڪ تائين سوال ڪيا ويا، جن ۾ لنڊن فليٽس ۽ مني ٽرائيل جي باري ۾ پڇيو ويو، وزيراعظم جي ننڍي پٽ حسن نواز کي 3 دفعا جي آئي ٽي گھرايو ۽ ٽنهي پيشين ۾ ساڍا 15 ڪلاڪن تائين هن جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏنا، جاچ ٽيم وزيراعظم نوازشريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز ۽ نياڻون ڪيپٽن صفدر کي به هڪ هڪ دفعو گھرايو. ذريهن جي مطابق جي آئي ٽي جي طرفان قطري شهزادي حماد بن جاسم سان ٿيڻ واري خط و ڪتابت جي جائزي سميت تمام بيان ۽ شاهدين کي ڪاغذي شڪل ڏني وئي. جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهيءَ ۾ ٺهڻ واري سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني عملدرآمد بينچ اٽارني جنرل کان حسين نواز جي فوٽو ليڪ ڪرڻ واري شخص جو نالو ظاهر ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تحفظن کان آگاهه ڪرڻ جو چيو هو.