پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن کي ۽ هندو برادريءَ کي هولي جون واڌايون ڏيون ٿا: سعيد غني

March 13, 2017 at 4:26 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (استاف رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن دوران سينيٽر سعيد غنيءَ جو چوڻ آهي ته اڄ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙن کي واڌايون پيش ڪريان ٿو، هندو برادريءَ کي هوليءَ جي ڏينهن تي واڌايون پيش ڪريون ٿا، پيپلز پارٽيِءَ ۾ ايم ايم ڪيو ايم، اي پي ايم ايل، پي ٽي آءِ سميت ٻين جماعتن جا ماڻهو شامل ٿيا آهن، ايم ڪيو ايم ايترو گوڙ ڪندي آهي جو ماڻهو ان کي سچ سمجھڻ لڳندا آهن،  سينيٽر سعيد غنيءَ جو چوڻ هو ته وسيم اختر کي خبر ناهي ته ڪراچيءَ جي صفائي ڪي ايم سي جو نه پر ڊي ايم سيز جو ڪم آهي، ايم ڪيو ايم پراڻيون اٽڪلون آزمائي رهي آهي، گوڙ ايترو ڪيو جو ماڻهو ان کي سچ سمجھڻ لڳن، ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن ۾ گھوسٽ ملازمن کي ڀرتي ڪرايو، هي ادارا وڏي وقت تائين ايم ڪيو ايم جي قبضي ۾ رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي سربراهه جي ڪال تي ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اهي گھوسٽ ملازم ئي هوندا هئا. سعيد غنيءَ وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي جيڪو خالي پلاٽ نظر آيو ان تي قبضو ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ڪو پارڪ ۽ نالو تائين نه ڇڏيو، گجر نالي تي حد دختليون ڪهڙي دور ۾ ٿيون، اسان ته حد دخليون ختم ڪرايون، اسان ماڻهن کي ڪڍڻ نه ٿا چاهيون، وقتي حڪومت ۾ به ايم ڪيو ايم 5 هزار ڀرتيون ڪيو هيون، معاملو اهو آهي ته جيڪي اختيار هنن وٽ آهن اهي انهن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن يا نه، سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ان جي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، اسان مڃون ٿا ته اسان جو ٿورو گھڻو ڏوهه آهي، سنڌ حڪومت ڪي ايم سيءَ کي هر مهيني 50 ڪروڙ رپين جو گرانٽ ڏيندي آهي، روڊ ٺاهن انهن جو ڪم هو جيڪو سنڌ ٺاهي رهي آهي، پنهنجيون ذميواريون وجھڻ نااهليءَ جو مثال آهي.36

اي پيپر