پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ پ پ شرڪت نه ڪئي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ تي اتفاق ڪيو ويو
February 28, 2017 at 6:26 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ واري معاملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي، پر اجلاس ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن شرڪت نه ڪئي،ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته پ پ 4 مارچ تي ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس دوران اتفاق ڪري وٺندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ واري معاملي تي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي شرڪت نه ڪئي. اجلاس دوران پارلياماني اڳواڻن فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن لاءِ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. ان کانسواءِ پارٽي اڳواڻن فوجي عدالتن بابت آئيني ترميم ۾ ٻين نقطن تي به اتفاق ڪيو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتن بابت سمورين جماعتن جو اجلاس ٿيو پر پيپلز پارٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته اجلاس ۾ سڀني گڏيل طور تي فوجي عدالتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، اميد آهي ته پ پ به 4 مارچ تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ذريعي ان تي اتفاق ڪندي ۽ فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته فوجي عدالتن ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي، ان ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس گهـُرايا ويندا جتي فوجي عدالتن جو معاملو بحث هيٺ ايندو ۽ ڪنهن نقطي ۾ تبديلي تي سڀ راضي ٿيا ته قومي اسيمبلي ۾ حتمي مسودو طئي ڪيو ويندو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ڊپٽي چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته فوجي عدالتن جي مـُدي ۾ واڌ واري معاملي تي غور لاءِ 8 اجلاس ٿيا جن ۾ سمورين جماعتن پنهنجو موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ دهشتگردن سان مقابلي لاءِ فورس جي صلاحيت وڌائي وئي،سڀني اتفاق ڪيو فوجي عدالتون پسنديده رستو ناهي فوجي عدالتن جو مدو 2 سال رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻن سالن کانپوءِ اهي ڪيس دهشتگردي توڙ عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا، فوجي عدالتن جو قيام 7 جنوري 2017ع کان تصور ڪيو ويندو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ صاحبزده طارق الله چيو ته دهشتگرد، دهشتگرد هوندا آهن،دهشتگرديءَ کي مذهب سان نه ڳنڍيو وڃي،رياست خلاف بندوق کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عوامي نيشنل پارٽي جي حاجي غلام احمد بلور چيو ته هـُو سمجهن ٿا ته هـِي معاملو بنيادي انساني حقن جي ابتڙ آهي پر هنن مجبوري ۽ ضرورت تحت فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي آهي. قومي وطن پارٽي جي آفتاب شير پائو چيو ته کيس اميد آهي ته هن ڀيري فوجي عدالتن جو قيام آخري ڀيرو هوندو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته فوجي عدالتن جي معاملي تي هـُو حڪومت سان گڏ آهن