پارا چنار ڌماڪن جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو: آرمي چيف

June 30, 2017 at 3:06 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پارا چنار سانحي جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ متاثرن جي بنا فرق جي مدد ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازن واقعن کي نسلي ۽ فرقيواراڻو رنگ ڏيڻ جي سازش دشمن ايجنسيون ۽ اسپانسرڊ غير رياستي عنصرن طرفان ڪئي پئي وڃي، دشمن اسان کي دهشتگرديءَ ذريعي ورهائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو فرقي واريت ۽ نسلي تعصب کي هوا ڏئي اسان کي ورهائڻ چاهي ٿو، ان جو جواب اسان کي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪري ڏيڻ گهرجي. پاڪ فوج موجب دشمنن طرفان گمراهه ڪندڙ مهم شروع ٿي وئي آهي، اها مهم سوشل ميڊيا تي تيزي سان پکڙجي رهي آهي، اسان سڀني کي ان گمراهه ڪندڙ مهم بابت آگاهه رهڻ گهرجي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فرقي ۽ نسل کان هٽي ڪري هر شهيد ۽ زخمي اسان لاءِ برابر آهي. اسان سڀ پاڪستاني مسلمان آهيون ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جي حقن جو احترام ڪيون ٿا.27

اي پيپر