هيوسٽن(م ڊ) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تباهي مچائيندڙ سامونڊي طوفان هاروي جو رخ مسي سيپي ڏانهن آهي جڏهن ته طوفان سبب فوت ٿيلن جو انگ 47 ٿي ويو آهي. آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ سامونڊي طوفان هاروي تباهي مچائيندو لوزيانا پهتو جنهن کان پوءِ سمنڊر جو رخ مسي سيپي ڏانهن آهي. ٽيڪساس رياست ۾ هن وقت تائين سامونڊي طوفان جي ڪري فوتين جو انگ 47 ٿي ويو آهي ۽ 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو عارضي ماڳن تي ترسيل آهن. آمريڪي ميڊيا ساموجب پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو اهلڪارن جون ڪوششون جاري آهن جن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. ميڊيا موجب طوفان سبب گڏيل طور تي هڪ لک گهرن کي نقصان پهتو ۽ ڪيترن علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ آهي.