ٽرين واقعي جو ذميوار ڪير آهي ان جو جواب ريلوي وارو وزير ئي ڏيندو: بلاول ڀٽو
November 4, 2016 at 5:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي/رحيم يار خان (رپورٽر/م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته تخت رائيونڊ کي غريب عوام جي ڪا به پروانه نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري رحيم يار خان پهچڻ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن کي رڳو پنهنجي بادشاهت جي پرواهه آهي، اوهان مايوس نه ٿيو شهيد بي بي جو پٽ اچي ويو آهي. عوام پ پ جو ساٿ ڏئي ته تبديلي آڻي سگهون ٿا هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ ٽرين حادثي جي زخمين سان جناح اسپتال ۾ عيادت ڪئي،ان موقعي تي بلاول ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ٽرين حادثي جو ذميوار ڪير آهي، ان جو جواب ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق کي ڏيڻو آهي هن چيو ته چيوته لانڍي حادثي جي جا ريلوي وارو ڪرائي ۽ اميد ڪريان ٿو ته خواجا سعد رفيق جلد ڪراچي پهچندو. هن چيو ته مينڊيٽ جو مطلب اهو ناهي ته عوام کي جواب نه ڏيون.ريلوي مسافرن جي حفاظت وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، ڪنهن به حادثي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ دهشتگردي ۽ حادثي تي سياست ناهي ڪندي. حادثي جي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي. پ پ حڪومت ڪراچي ۾ هاءِ ٽريڪ ٽراما سينٽر بڻايو.ٻئي طرف رحيم يار خان ۾ وڌيڪ خطاب ڪندي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته بيبيءَ جو پٽ گڏجي رائيوينڊ واري تخت کي ڪيرائيندا، شينهن جي شڪار جي لاءِ رڳو تي جو استعمال ٿيندو آهي، رحيم يار خان جي چوڪ بهادر تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز کي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، پاناما ليڪس دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل آهي، وزيراعظم نواز شريف اسان جا چار مطالبا مڃي، مطالبا نه مڃيا ويا ته شينهن جو شڪار ڪنداسين.