بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شيروف پنهنجي ايندڙ فلم ”باغي ٽو“ ۾ فوجي جو ڪردار ادا ڪندو. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب فلمساز ساجد ناڊيا والا فلم ”باغي“ جو سيڪوئل ٺاهي رهيو آهي. اطلاعن موجب فلم ۾ ٽائيگر شيروف ٽائيگر فوجي جي ڪردار ۾ نظر ايندو. هو فلم جي ايڪشن سين لاءِ هانگ ڪانگ جي فلم ڊائريڪٽر ۽ ايڪشن ڪوريوگرافر ٽوني چنگ کان تربيت وٺندو.