ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي چيئرمين 20 سال پراڻي اکين کان محروم ملاز جي پگھار بند ڪري ڇڏي
March 14, 2017 at 5:37 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نصيرآباد ( رپورٽر) ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي چيئرمين پاران ٽائون جي 20 سال پراڻي اکين کان محروم ملاز جي پگھار بند ڪري ڇڏي سبب معلوم ڪرڻ ويندڙ ملازم کي ڌڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين . مان 20 سال پراڻو ملاز آهيان گذريل 5 مهينن کان بلاجواز منهنجي پگھار بند ڪئي وئي آهي هڪ سال کان اکين جي روشني ختم ٿيڻ ڪري منهنجو پٽ منهنجي جڳهه تي باقائدي سان ڊيوٽي تي ويندو آهي تنهن باوجود منهنجي پگھار بند ڪئي وئي آهي پگھار بند هجڻ جي ڪري گھر ۾ فاڪا ڪشي آهي اکين کان محروم ملاز شعبان جويو پاران نصيرآباد پريس ڪلب ۾ دانهون خبر موجب ڪالهه نصيرآباد پريس ڪلب ۾ وڳڻ ٽائون ڪميٽي جي 20 سال پراڻي ملازم جنهن جي اکين جي روشني هڪ سال اڳ ختم ٿي وئي آهي ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي اکين کان محروم ملازم شعبان جويي پاران نصيرآباد پريس ڪلب پهچي پٽن سميت ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي چيئرمين خليل احمد وڳڻ خلاد داهيندي چيو ته مان 20 سال پراڻو پڪو ملازم آهيان هڪ سال اڳ ۾ منهنجي اکين کانمحروم ٿيس جنهن بعد منهنجو پٽ باقائدي سان منهنجي جڳهه تي ڊيوٽي ڪندو پيو اچي پر تنهن باوجود بنا ڪنهن سبب جي ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي چيئرمين ناجائزي ڪندي پنجن مهينن کان مونکي پگھار نٿو ڏئي هن روئندي چيو ته مان جڏنهن کيس التجا ڪرڻ ويس ته هن مونکي چڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي اکين کان محروم ملازم پاران پ پ پ جي اعلا قيادت ڊي سي قمبر شهداد ڪوٽ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ضلع قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته اهي مون سان ٿيندڙ نا انصافي جو نوٽيس وٺي مون کي منهنجي پگھار ڏيارڻ ۾ منهنجي مدد ڪن